گڏيل قومون ڪشميري عوام کي انهن جو حق ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن: اسد قيصر

image

اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته 5 آگسٽ تي ڀارتي قدمن ڪشميري عوام کي پنهنجي جائز حقن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل قومون ڪشميري عوام کي انهن جو حق ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، ڪشمير ۾ 80 ڏينهن کان جاري ڪرفيو گڏيل قومن جي چارٽر جي سڀ کان وڏي خلاف ورزي آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڪيو.

مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں