اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سيد يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين ۽ سيدال ناصر خان کي ڊپٽي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد

image

اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سيد يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين ۽ سيدال ناصر خان کي ڊپٽي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الحمدالله! اڄ سينيٽ ۾ به جمهوري عمل مڪمل ٿي ويو آهي. هن چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ پاڪستاني عوام جي اعتماد جو عڪاس آهي. هن چيو ته سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سيدال ناصر خان تجربيڪار سياستدان آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاق جي اڪائين جي مضبوط ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽ جو اهم ڪردار آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سيدال ناصر خان آئين جي سربلندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندا رهندا.

مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں