وزيراعظم پاران چلاس بس حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاهراهه قراقرم تي چلاس ويجهو پريشو کل داس وٽ بس کي پيش آيل حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : quina acumulada
متعلقہ مضامین
مزید خبریں