اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سينيئر صحافي عامر سجاد سيد جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي عامر سجاد سيد جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحومه جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته عامر سجاد سيد جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو، والده جو لاڏاڻو تمام وڏو سانحو آهي. هن چيو ته ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير مرحومه جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : Raging Rhino