اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ صدر ايڊمرل محمد امجد خان نيازي جي ملڪ ۽ پاڪ بحريه جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر دفاعي شعبي ۽ سامونڊي معاملن ۾ ايڊمرل محمد امجد خان نيازي جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايڊمرل محمد امجد خان نيازي جي مستقبل جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.