وزيراعظم پاران آصف علي زرداري، چوڌري شجاعت حسين ۽ مولانا فضل الرحمان سان پنجاب جي نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت

image

اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پنجاب جي نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم پنجاب جي نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت جي لاءِ ٽنهي اڳواڻن کي ٽيليفون ڪيو، هن اتحادي اڳواڻن سان ملڪ جي سياسي صورتحال تي پڻ مشاورت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش
متعلقہ مضامین
مزید خبریں