دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ قدمن جي ذريعي عوام ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ چاهين ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ قدمن جي ذريعي عوام ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ چاهين ٿا ۽ اهي دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي خلاف اسان جي محنت سان حاصل ڪيل ڪاميابين کي ناڪام ڪرڻ چاهين ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سمورين سياسي قوتن کي منهنجو پيغام پاڪستان دشمن عنصرن جي خلاف اتحاد جو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي سياسي ويڙهه بعد ۾ وڙهي سگهون ٿا.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت
متعلقہ مضامین
مزید خبریں