بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت بلوچستان جي باصلاحيت افرادي قوت جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم شهباز شريف

image

اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت بلوچستان جي باصلاحيت افرادي قوت جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ پاڪ ايران واپار جي فروغ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد ۾ دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير سردار اسرار ترين، مملڪتي وزير هاشم نوتيزئي، قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، زبيده جلال، احسان الله ريڪي، روبينه عرفان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز بلوچ شامل هئا.

مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں