سعودي عرب ايران سفارتي لاڳاپن جي بحالي خطي جي امن جي لاءِ انتهائي اهم آهي: بلاول ڀٽو زرداري

image

اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سعودي عرب ايران سفارتي لاڳاپن جي بحالي خطي جي امن جي لاءِ انتهائي اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ۾ سعودي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا.

مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں