پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران رجب طيب اردوان کي ترڪيه جو هڪ ڀيرو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪون

image

اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري رجب طيب اردوان کي ترڪيه جو هڪ ڀيرو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن رجب طيب اردوان کي ترڪيه جو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان جي تاريخي فتح ترڪ قوم جي ان جي بصيرت انگيز قيادت تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. هن ترڪيه جي پائيدار امن ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا.

مضمون کا ماخذ : فائر جوکر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں