پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جا وسيلا محدود آهن ۽ حڪومتي آمدني جو اڌ حصو قرضن جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي جنهن جي ڪري حڪومت لاءِ سڄي ملڪ جي هر علائقي ۾ ??دي?? اسپتالن جو قيام سرڪ??ري فنڊز مان ممڪن نه آهي، اهڙي ۾ جيڪڏهن هڪ طرف پرائيويٽ اسپتالن جي قيام جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ۽ ٻي طرف صحت سهولت ڪارڊ جهڙين اسڪيمن تحت عوام کي سرڪ??ري خرچ تي نجي اسپتالن ۾ علاج جي ??دي?? سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته اهو ملڪ جي عوام جي مفاد ۾ آهي. ه?? پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي (پي آءِ سي) جي افتتاح کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.