اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خا??، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي ۽ وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين وارو خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري پڻ موجود هو. مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن وزيراعظم عمران خا?? کي پنهنجي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي شهيد ٿيندڙ گهرڀاتين بابت کيس ٻڌايو. وزيراعظم عمران خا?? انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو هزاره برادري جي مسئلن کان چڱي ر??ت آگاهه آهي ۽ انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪندو.