اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سستي ۽ جلد انصاف جي فراهمي لاءِ وفا??ي محتسب جي دائري ڪار کي سگهه ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ادارن جي بد??نت??امي جي خلاف شڪايتن جي موثر ازالي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفا??ي محتسب سيد طاهر شهباز سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي وفا??ي محتسب صدر کي سالياني رپورٽ 2020ع پيش ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدر جي هدايتن تي شروع ڪيل آگاهي مهم جي ڪري وفا??ي محتسب کي رڪارڊ آن لائين شڪايتون مليون آهن. وفا??ي محتسب کي 130112 شڪايتون مليون. وفا??ي محتسب 2020ع ۾ 133521 شڪايتون اڪلايون. 70311 شڪايتن تي رليف ڏنو ويو جيڪي اڪلايل شڪايتن جو 50 سيڪڙو آهي. 2019ع جي ڀيٽ ۾ 7 ڀيرا وڌيڪ آن لائين شڪايتون مليون آهن.