اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ بحريه پنهنجي مسلسل نگراني ۽ پيشيواراڻي مهارت سان نشانده?? ڪندي 16 آڪٽوبر 2021ع تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي آبدوز کي پاڪستاني پاڻي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.
پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر پاران ج??ري ڪيل بيان مطابق پاڪ بحريه طرفان پاڪستان جي سامونڊي حدن جي سيڪيورٽي ماحول ۾ سخت نگراني ڪئي ويندي آهي ۽ اها پنهنجي نوعيت جو ٽيون واقعو آهي جن??ن ۾ پي اين لانگ رينج مي??ي ٽائيم پيٽرول ايئر ڪرافٽ ذريعي ڀارتي بحريه جي آبدوز جو وقت کان اڳ پتو لڳايو ۽ ان جو سراغ پڻ لڳايو.
آءِ ايس پي آر مطابق هاڻوڪو واقعو مادر وطن جي سامونڊي حدن جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.