اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف مودي ئي ڪري سگهي ٿو. پنهنجي ??وئيٽ ۾ مملڪتي وزير 27 فيبروري 2019ع تي پاڪ ف??ائيه جي شاهينن جو نشانو بڻجندڙ ڀارتي مگ جهاز جي ??ائليٽ اڀي نندن کي ڀارت جي ??ئين سڀ کان وڏي فوجي اعزاز ڏيڻ جي تقريب جي ??ڊيو شيئر ڪندي چيو ته شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف نري??در مودي ئي ڪري سگهي ٿو. هن ڀارتي وزيراعظم کي مشورو ڏنو ته هو احمقن جي جنت ۾ پنهنجو قيام جاري رکي. واضح رهي ته ڀارتي صدر رام ناٿ ڪووند سومر تي اڀينندن کي فيبروري 2019ع ۾ مبينه طور تي پاڪستاني فضائيه جو ايف 16 جهاز ماري ڪيرائڻ تي ”وير چڪر“ ڏنو آهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ان ڀارتي دعويٰ جي ترديد ڪ??ي چڪو آهي ۽ آمريڪي اخبار فارن پاليسي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته آمريڪا جي دفاع واري کاتي جي اهلڪارن پاڪستان ايف 16 جهازن جي ڳڻپ ڪئي آهي ۽ اهي تعداد ۾ پورا آهن، آمريڪي عملدارن پاران اهو بيان ان ڀارتي دعويٰ کي مڪمل طور تي ڪوڙو ثابت ڪري چڪو هو.