لاهور – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حڪومت راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي، جتي اربن ڊولپمينٽ ۽ شهري سهولتن جي پس منظر ۾ ان منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان کي بهتر انداز ۾ پيش ڪيو ويندو، منصوبي جي باري ۾ هائوسنگ سوسائٽي هجڻ جو تصور درست نه آه??، پر اهو شهرن کانسواءِ ڪنهن منصوبي جي تعمير ۾ ٿيڻ وارين غلطين کي صحيح ڪرڻ جو وڏو منصوبو آه??، 2 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ، زمين هيٺ پاڻي جي ڪرندڙ سطح کي بلند ڪرڻ ۽ سيوريج جي فلٽريشن ان منصوبي جون نمايان خصوصيتون آه??، 20 ارب ڊالر جي ان منصوبي ۾ ڏيڍ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آه?? ۽ وڌيڪ غير ملڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن رک جهوڪ ۾ پنهنجي د??ري د??ران ڳالهائيندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي ڪري لاهور هڪ نئون شهر بڻجڻ وڃي رهيو آه??، اسلام آباد کانپوءِ پلاننگ تحت پهريون ڀيرو لاهور ٻيو وڏو شهر ٿيندو، منصوبي تحت ئي راوي درياءُ جو بچاءُ ممڪن آه??، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اها پهرين حڪومت آه?? جنهن ما??ولياتي آلودگي جي خاتمي جو ذمو کنيو آه??، 20 ارب ڊالر جي منصوبي سان غير ملڪي فنڊنگ ۽ سيڙپڪاري پاڪستان ايندي، منصوبي سان نه رڳو نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ملڪ ۾ 30 کان 40 نيون صنعتون به لڳنديون، هن وقت تائين ڏيڍ ارب ڊالر جي غير ملڪي سيڙپڪاري ملڪ ۾ اچي چڪي آه??. جيڪا انتهائي خوش آئنده آه?? ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ راوي اربن ڊولپمينٽ پروجيڪٽ کي صحيح طريقي سان پيش ناهي ڪيو ويو، حڪومت ان فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي جتي اربن ڊولپمينٽ ۽ شهري سهولتن جي پس منظر ۾ ان منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان کي بهتر انداز ۾ پيش ڪيو ويندو.