اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي سان سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي و??ير سعودي عرب ۾ سفير طور نامزدگي تي امير خرم راٺوڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ??طر??ا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر ڏکي وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي حڪومت اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، توهان جه??ي مڃيل سفارتڪار جي سفير طور مقرري اسان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ??طر??ا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي و??ير چيو ته اسان جي سفيرن کي اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻي پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪي پنهنجي محنت جي ڪمائي پاڪستان موڪلي ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي و??ير جو ٿورو ادا ڪندي سندس هدايتن تي مڪمل عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.