اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي 17 هدفن مان 60 سيڪڙو تي عملدرآمد ۾ مقامي حڪومتن جو اهم ڪردار آهي، اسان جي سياسي نظام ۾ بنيادي ڍانچو مقامي حڪومتن جو آهي، هڪ مضبوط بلدياتي نظام ضروري آهي ان سان نه رڳو گورننس ۾ بهتري ايندي پر هيٺئين قيادت پڻ سامهون ايندي، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪامياب بلدياتي نظام ??تع??رف ڪرايو ويو آهي، هاڻي پنجاب ۾ نئين بلدياتي نظام طرف وڃي ره??ا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس جي صلاحيت کي وڌائڻ جي تربيتي و??ڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايس ڊي جيز نيشنل ٽاسڪ فورس جو ڪنوينر رياض فتيانه، گلگت بلتستان اسيمبلي جو اسپيڪر امجد علي ??يد?? ۽ هيڊ آف يورپي يونين اووائڊيو ميڪ موجود هئا جڏهن ته تربيتي و??ڪشاپ ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جي ميمبرن شرڪت ڪئي. مملڪتي و??ير فرخ حبيب پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قومي صحت سهولت پروگرام جي ذريعي هر شخص کي 10 لک رپين تائين علاج جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، پرائيويٽ اسپتالن ۾ به نئين شعبن ۽ بيڊز جو انگ وڌايو پيو وڃي، هيستائين 20 لک ماڻهن صحت انصاف ڪارڊ مان فائدو حاصل ڪيو جن جا 46 ارب رپين جا ڪليمز ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ايس ڊي جيز تحت رڪارڊ ترقياتي پروگرام ڪرايا ويا، پنجاب ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ 740 ارب رپيا رکيا و??ا آهن، اين ايف سي سان گڏوگڏ صوبائي فنانس ڪميشن پڻ اهم آهي، پنجاب ۾ 369 ارب کان ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ پروگرام تي ڪم جاري آهي، حڪومت پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي 17 گولز تي سنجيدگي سان عمل ڪري رهي آهي. مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته ڪامياب جوان پروگرام کانپوءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام ??تع??رف ڪرائي ره??ا آهيون جنهن تحت 5 لک رپين تائين بنا وياج قرض فراهم ڪيو پيو وڃي، پهريون ڀيرو محروم طبقن کي ڇت جي فراهمي جي لاءِ مورگيج سسٽم آندو آهي، گهٽ آمدني گهرن جي لاءِ آسان قرض ڏنا پيا وڃن، هيستائين 250 ارب رپيا قرض جون درخواستون مليون آهن جن مان 130 ارب جو قرض منطور ۽ 45 ارب فراهم ڪري ڇڏ??ا آهن. هن چيو ته پهريون ڀيرو اتفاق راءِ سان هڪ جهڙو نصاب ??تع??رف ڪرايو ويو آهي. ان جو مقصد تعليم جي شعبي ۾ فرق کي ختم ڪرڻ آهي. پنجاب ۾ اسڪولن جي اپ گريڊيشن، نئين يونيورسٽين ۽ ڪاليجز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. ساليانو 50 هزار اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، 10 ارب رپين سان اسڪلز فار آل پروگرام پڻ جاري آهي.