اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻين ملڪن سان اختلاف پيدا ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي، تنهن هوندي به هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته قومي خودمختياري ۽ مل?? جي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزار?? جي آفيسرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ پرڏيهي پاليسي جو ويزن قومي مفادن کي مٿانهون رکڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عالمي سطح تي بلاڪ سياس?? جي حمايت نٿي ڪري. پرڏيهي وزير واضح ??يو ته مضبوط پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي. شاهه محمود قريشي پرڏيهي پاليسي جي محاذ تي حڪومت پاران ڪيل ڪيترن ئي قدمن جو ذڪر ??يو جنهن ۾ اقتصادي سفارتڪاري، انگيج آفريقه پاليسي، سينٽرل ايشيا ويزن پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن ڊويزن جو قيام شامل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتڪارن جي ڪوششن جو اعتراف ??يو پيو وڃي ۽ پرڏيهي پاڪستانين پاران موڪليل وڏو مٽاسٽا جو ناڻو ان حقيقت جو عڪاس آهي. هن مارچ ۾ اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزار?? جي عملدارن جي وا??اڻ ڪئي.