اسلام آباد – 16 – ??پر??ل (اي پ?? پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف بنا ??قا??لي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندڙ سردار اياز صادق چيو ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پ??هنجي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسيمبل?? سيڪريٽريٽ ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ ان جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اڄ جي ايجنڊا ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ائٽم تي عملدرآمد نه ٿيندو. سردار اياز صادق چيو ته اسپيڪر جي چونڊ لاءِ سيد خورشيد شاهه ۽ سيد نويد قمر راجا پرويز اشرف جو نالو ڏنو جنهن جي ??قا??لي ۾ ڪنهن ٻئي اميدوار ڪاغذ جمع نه ڪرايا ان لاءِ راجا پرويز اشرف کي بنا ??قا??لي اسپيڪر چونڊيو وڃي ٿو. بعد ۾ سردار اياز صادق نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف کان سندس عهدي جو حلف ورتو.