اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم جو اقتصادي ويزن متحرڪ معيشت سان هڪ خوشحال پاڪستان ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو اقتصادي ويزن متحرڪ معيشت سان گڏ هڪ اهڙو خوشحال پاڪستان آ??ي جتي ترقي پائيدار ۽ جامع هجي. جتي سڀني جي لاءِ روزگار ۽ ڪ??رو??ار جا موقعا هجن، جتي اسان غربت جو خاتمو ۽ پنهنجي سمورن شهرين کي باوقار معيار زندگي فراهم ڪري سگهن.