اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب بي جي پي اڳواڻن جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ ??ست??خي وارن بيانن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته خاتم المرسلين نبي رحمت حضرت محمد ﷺ جي ناموس ۾ ??ست??خي ڪري بي جي پي جي اڳواڻن پاڻ کي خسيس ثابت ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دنيا جي سمورن انسانن لاءِ رحمت بڻجي ايندڙ نبي اڪرم ﷺ جي پاڪ سيرت ۽ ڪردار جو مطالعو ڪندڙ ڪو به سليم الفطرت انسان ان جو احترام ?? ادب کانسواءِ رهي نٿو سگهي، ڪهن چيو ته بي جي پي اڳواڻن جي ??ست??خي وارن بيانن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اهو بي جي پي جي انتهاپسنداڻي ۽ فتني واري سوچ جو هڪ ٻيو ثبوت آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عالمي برادري بين المذاهب هم آهنگي ۽ مقدس هستين جي احترام جي عالمي تحريڪ جي منافي ڀارتي حڪومت جي روين ۽ قدمن جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته ڀارت اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي بينادي حقن، مذهبي آزادين ۽ بنيادي انساني حقن جو مجرم آهي، ان کي ڪهٽڙي ۾ بيهاريو وڃي، وفاقي وزير چيو ته هر مسلمان پنهنج?? آقا ڪريم ﷺ جي عزت ۽ حرمت کي پنهنجي جان کان و??يڪ عزيز سمجهي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ مرڻ لاءِ تيار آهي.