اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل آف پاڪستان ن??وز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي سالياني چونڊن ۾ نئين چونڊيل ع??ديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چونڊيل ع??ديدار ملڪ ۾ صحافت جي معيار جي وڌيڪ بهتري ۽ فيڪ ن??وز جي خاتمي لاءِ قدم کڻندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ارشاد احمد عارف کي صدر، اعجازالحق کي سيڪريٽري جنرل، انور ساجدي کي سينيئر نائب صدر ۽ باقي چونڊيل ع??ديدارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڪائونسل آف پاڪستان ن??وز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جون ملڪ ۾ معياري صحافت جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن. پراميد آهيان ته سي پي اين اي ??ا نوان چونڊيل ع??ديدار ملڪ ۾ صحافت جي معيار جي وڌيڪ بهتري ۽ فيڪ ن??وز جي خاتمي لاءِ قدم کڻندا. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. صحافتي برادري جي مس??لن جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.