اسلام آباد– 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ 21هين ڊي – 8 پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هنن سياسي ۽ اقتصادي شعبن ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا سان ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ سميت عوام سان عوام جا رابط?? وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. نائب ??زيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزير وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب ??زيراعظم فلسطين تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪ??دي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.