اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب خاندانن جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، احساس انڊر گريجوئيٽ اس??ال??شپ پروگرام تح?? هر سال 50 هزار شا??رد?? کي تعليمي وظيفا ڏنا ويندا، غريب خاندانن جي لاءِ راشن پروگرام پڻ متعارف ڪرايو ويندو ۽ گيهه، اٽو، دال ۽ کنڊ غريب خاندانن کي فراهم ڪئي ويندي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙي قسم جا پروگرام شرو?? نه ڪيا ويا جن سان معاشري جي عام ماڻهن کي مٿي اچڻ جو موقعو ملي سگهي، ماضي ۾ عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ نه سوچيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس انڊر گريجوئيٽ اس??ال??شپ پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.