اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ مسجدن ۾ نماز ۽ تراويح جي حوالي سان عالم سڳورن سان تازو ئي ??ئي ٿيل 20 نقطن تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي ??ڪومتن تي زور ڏنو ويو آهي ته عالم سڳورن ۽ چونڊيل نمائندن جي ت??اون سان ضلعي، تعلقي ۽ ڳوٺاڻي سطح تي انهن 20 نقطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻ??ئين.