اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت جون ج?? مهيني ۾ 1000 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪندي، جولاءِ ۾ ان انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو، اسپتالن جي عملي جي ضرورتن جي حوالي سان پڻ جائ??و ورتو ويو، جنهن کي اڄ شام جو حتمي شڪل ڏني ويندي. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي جي اجلاس جي صدارت ک??نپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان انتظامن جو جائ??و ورتو ويو آهي. ڪورونا جي مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري وڏن شهرن جي اسپتالن تي پريشر وڌي رهيو آهي. ان کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت جون ج?? مهيني ۾ هڪ ه??ار بيڊز جن ۾ آڪسيجن جي سهولت پڻ شامل آهي اهي صوبن کي ڏيڻ جي ذميواري کنئي آهي.