اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو دورو ڪيو. اين سي او سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ل??فٽ??ننٽ جنرل حمود زمان خان صدر جو استقبال ڪيو. ان م??قعي قومي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر امام، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري، اين ڊي ايم اي چيئرمين ل??فٽ??ننٽ جنرل محمد افضل ۽ سرجن جنرل ل??فٽ??ننٽ جنرل نگار جوهر به موجود هئا. وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اين سي او سي مان جاري بيان م??جب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ ڊائريڪٽر جنرل آپريشن اينڊ پلاننگ، اين سي او سي ميجر جنرل آصف محمود گورائيه ڪورونا وائرس جي صورتحال جي مختلف پاسن، اين سي او سي جي فيصلن تي عملدرآمد، ڪورونا وائرس جي ??کي?? ۽ وفاقي ڌرين جي وچ ۾ شاندار جامع طريقيڪار بابت بريفنگ ڏني، صدر کي ڪورونا وائرس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ، صحت جي پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافو، ڪورونا مريضن لاءِ بيڊز جي دستيابي ۾ اضافو، اهم دوائن جي بنا رنڊڪ فراهمي، ڪورونا جي مريضن جي نشاندهي ۽ رابطن بابت ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ملڪ ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو.