اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75 هين اجلاس جي نئين چونڊيل صدر وولڪن بوذڪر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? وزيراعظم عمران خان وولڪن بوذڪر کي گڏيل قومن جي 75 هين تاريخي اجلاس جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏن??. م??اقات ۾ وزيراعظم کيس ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اهو تڪرار 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي آهي. وزيراعظم 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي ۽ انساني حقن جي وڏي پئماني تي ۽ منظم انداز سان ڪيل خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي صورتحال ۽ ڀارت پاران علائقي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن زور ڏنو ته گڏيل قومون ان سنگين صورتحال ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ??وج?? ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو هق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم کيس ڪوويڊ 19 جي وبا جي معاشي ۽ سماجي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي حڪ??مت پاران کنيل قدمن، جنهن جو مقصد عوام جي زندگي بچائڻ سان گڏ انهن کي زندگي جون ضرورتون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻ پڻ هو بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سندس حڪ??مت معاشري جي ضرورتمند ۽ مستحق طبقن جي لاءِ 8 ارب ڊالر امدادي پئڪيج ڏنو. اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن حڪ??مت پاران ڏنو ويندڙ سڀ کان وڏو سماجي تحفظ جو پئڪيج هو.