رپورٽ: ڪريم ڏنو راهمون
دُنيا اڄ سياحت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي جڏهن ??ه وڏي وقت کانپوءِ اڻميُون برساتُون وسڻ کانپوءِ دُنيا جو سڀ کان وڏو سياحتي ماڳ مارئي جو د??س ٿر سياح?? جي آمد جي ڪري ٻهڪي پيو آهي. جڏهن ??ه سياحت جي عالمي ڏينهن ??ي موقعي تي ٿر جا ٿوهر سياحن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ ڄڻ ته ٻانهُون کولي بيـٺل آهن
۽ ٿر واسيءَ خوشي مان ٻهڪي رهيا آهن، ٿرپاڪر پاڪستان جو ريگستاني علائقو آهي جنهن ??و دارو مدار برساتن تي آهي۔ ا?? جي ڪري عام چوڻي آهي ته “وسي ٿر نه ته بر ئي بر” اهو بر سٺيون برساتون وسڻ کانپوءِ ڪوهه مري کان به وڌيڪ حسين ٿي پيو آهي ۽ وڏي وقت کانپوءِ حسين ٿر بڻجي سياح?? جي اکين کي آٿتُون ڏيئي رهيو آهي ۽ تل ترايون ڀرجي ويون آهن
ٿر ۾ وقت تي سٺيون برساتون نه پوڻ جي ڪري ڏڪار منهن ڪڍندو آهي ۽ ٿر واسين جون زندگيون مفلوج بڻجي وينديون آهن ۽ ٽهڪن ۽ خوشين بدران مختلف بيماريون واسو ڪري وينديُون آهن، جنهن ??و ا??ثر شڪار عورتُون ۽ ٻار ٿيندا آهن، برساتون نه پوڻ جي ڪري اناج ۽ گاهه نه ٿيندو آهي جنهن ??ي ڪري کاڌي خوراڪ ۽ کير جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي۔ انسانن ۽ جانورن کي گهربل کاڌو نه ملڻ ڪري ڀٽ?? جي ڀر ۾ مُئل مال ڏسي اکين جا سمُورا خواب لُڙهي ويندا آهن، پر جڏهن ٿر تي برساتون پونديون آهن ??ه ٿري ماڻهن ??ا چهرا ٿرجي پياسي زمين سان گڏ ٻهڪي پوندا آهن، جهمريون هڻي برسات?? جي آجيان ڪندا آهن، برسات?? جي وسڻ کان پو۽ ٿر جي اڃايل زمين به جيڪا بيابان ڏسڻ ۾ ايندي آهي اها سائي چادر سان ڍڪجي ويندي آهي ۽ خوبصورت دل کي وڻندڙ نظارا ڏسڻ وٽان هوندا آهن
ٿر جون ٻنيون به برسات تي ٿينديون آهن، جنهن ۾ ٿر جا ماڻهو فصل خاص ڪري گوار، ٻاجهري پوکيندا آهن ??ٺي برسات پوڻ سان فصل به سٺا ٿيندا آهن ۽ سياح?? جي آمد سان هر طرف رونقُون ل??ي وينديُون آهن.
گڊي ڀٽ ۽ ڪارونجهر جبل سميت ٿر جا سياحتي ماڳ جيڪي برسات کانپوءِ سرها لڳڻ لڳندا آهن
ٿرپارڪر ۾ برسات پوڻ کان پوءِ سياحتي ماڳ، ڪارونجهر جبل
ڀوڏيسر جي مسجد، مارئي جو کوهه، گوڙي مندر، ساردڙو مندر، تروٽ جي چوٽي، ننگرپارڪر ۾ پاڻي جا ڊيم، راڻاسر ترائي، پاٻوهر جي ترائي، مٺي شهر ۾ پڪنڪ پوائنٽ گڊي ڀٽ سميت ٻين هنڌ?? جي سونهن ڏسڻ وٽان هوندي آهي۔، جتي برساتون پڻ کان پو۽ پوري ملڪ مان هزار?? جي تعداد ۾ سياح تفريح ڪرڻ جي لا۽ ايندا آهن، انهن هنڌن تي محفل موسيقي مان به سياح لطف اندوز ٿندا آهن، انهن هندن تي به ٿر جا ماڻهو مختلف ڪاروبار ڪري روزگار ڪندا آهن۔
ٿر ۾ برسات?? جي خوشي ٿر جي مالوندن کي عيد کان به وڌيڪ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته عيد جي خوشي صرف هڪ ڏينهن ۽ برسات پوڻ جي خوشي پورو سال محسوس ٿيندي آهي، ٿر جي ماڻهن ??و گذر سفر برسات تي آهي.
جيڪڏهن ??رسات نه پوي ته پورو ٿر ويران ۽ بيابان جو ڏيک ڏيندو آهي ۽ جي اڻمئي برسات پوڻ تي ٿر بر بدران ڪوهه مري کان به وڌيڪ حسين ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن ??ان ٿر جي مالوند ماڻهن کي جيڪا خوشي محسوس ٿيندي آهي ان جو اندازو بيان ڪرڻ کان به وڌيڪ هوندو آهي، برسات جي موسم ۾ ٿر جو هر ماڻهو پاڻ کي امير سمجهندو آهي ۽ برساتن کي ڏکن ۽ قرض جي خاتمي جو اعلان سمجهندو آهي.