شاهدره اماميه ڪالوني فلائي اوور جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، منصوبو ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي آگاهي

image

لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ٻڌايو ويو آهي ته شاهدره اماميه ڪالوني فلائي اوور جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ اهو منصوبو ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ تعمير هيٺ اماميه ڪالوني شاهدره فلائي اوور جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم کي ان منصوبي جي هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لاهور فيصل آباد ريلوي لائين جي مٿان اماميه فلائي اوور ٺاهيو پيو وڃي، شاهدره اماميه ڪالوني فلائي اوور جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته اماميه ڪالوني شاهدره فلائي اوور 18 مهينن جو پراجيڪٽ هو جيڪو پنجاب حڪومت جي تعاون سان ساڍي 6 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، ڊسمبر 2023ع تائين اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم ترقياتي منصوبن جي بهتر اڳڀرائي جي لاءِ پنجاب حڪومت کي ساراهيو.

مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں