نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي فجر رابعه پاشا کي يونيسڪو پرائز فار گرلز اينڊ ويمنز ايجوڪيشن 2023ع جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ تي مبارڪون

image

اسلام آباد-24 نومبر(اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي عورتن جي تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ فجر رابعه پاشا کي ”يونيسڪو پرائز فار گرلز اينڊ ويمنز ايجوڪيشن 2023ع“ جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هو اسان جي فخر آهي جيڪا پوري دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪري رهي آهي، اسلام آباد ماڊل اسڪول فار گرلز جي 7 ۾ يونيسڪو ايوارڊ جي شيلڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو سيڪريٽري وسيم اجمل چوڌري پڻ موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اڄ جي تقريب تمام گهڻي خاص آهي ڇاڪاڻ ته اڄ اسان جي ڀيڻ فجر رابعه پاشا پاڪستان جي ڌيءَ هجڻ جو پنهنجو فرض ڪاميابي سان نڀايو آهي. فجر رابعه پاشا ۽ سندس تنظيم ”پاڪستان الانس فار گرلز ايجوڪيشن پيج کي چين ۾ عورتن لاءِ اسڪول قائم ڪرڻ ۽ انهن کي علم جو زيور فراهم ڪرڻ تي يونيسڪو پرائز فار گرلز اينڊ ويمنز ايجوڪيشن 2023ع سان نوازيو ويو آهي. هي اعزاز اسان جي ڀائر ملڪ چين جي خاتون اول ڏنو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ڌيءَ ۽ ان جي اداري تي فخر آهي جنهن اداري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ اتي پڙهندڙ ڇوڪريون به شامل آهن، وفاقي وزير وزارت جي قيادت جي ڪردار تي روشني وڌي ۽ آفيسرن جي واکاڻ ڪئي جن غير جانبداري جو مظاهرو ڪندي انتهائي قابليت ۽ ميرٽ سان معاملي جو فيصلو ڪندي پيج کي هن ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو. هن چيو ته پيج پاڪستان ۾ 170 جي ويجهو غير رسمي اسڪول هلائي رهيو آهي جتي اڪثر ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن انهن تعليمي منصوبن ۾ افغان ڇوڪريون به شامل آهن، جاپان جي جائيڪا ۽ ٻيا خيراتي ادارا به ان منصوبن لاءِ مالي مدد ڪري رهيا آهن، هي منصوبو غربت جي خاتمي سان گڏوگڏ عورتن جي فلاح، بهبود ۽ پائيدار ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته عورتون هن ملڪ جي آبادي جو اڌ حصو آهن ۽ ڪو به ملڪ پنهنجي عورتن کي نظرانداز ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي صلاحيتن کي مڪمل طو رتي حاصل نٿو ڪري سگهي، مدد علي سنڌي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو ته عورتن کي پاڪستان ۾ سکڻ جا برابري جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي ڪنهن به شعبي ۾ پوئتي نه رهن.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں