راولپنڊي-05 مارچ (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 263هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مينڊيٽ موجب سمورن مشڪل فيصلن باوجود محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ تي سول انتظاميه، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪوششن کي ساراهيندي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڏنل مينڊيٽ موجب 2024ع جي عام چونڊن لاءِ عوام کي محفوظ ماحول فراهم ڪيو ۽ ان کان وڌيڪ پاڪ فوج جو چونڊ عمل سان ڪوبه تعلق نه هو، فورم ان ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ته ڪجهه مخصوص پر محدود سياسي ڌُريون، سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا جي ڪجهه حصن طرفان مداخلت جي غير تصديقي الزامن سان پاڪستان جي هٿياربند فوج کي بدنام ڪري رهيا آهن، جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن پاڪ فوج جي آفيسرن، جوانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين سميت شهيدن جي عظيم قربانين کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو جن ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. فورم عزم ڪيو ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ دشمن قوتن جي اشاري تي ڪم ڪندڙ سمورن دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪندڙ ڌُرين خلاف رياست مڪمل طاقت سان مُنهن ڏيندي. آرمي چيف ڪمانڊرز کي دهشتگردي ۽ عسڪريت پسنديءَ خلاف حاصل ٿيل هدفن جي فائدن کي مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. فورم ڀارت جي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين تي جاري ڏاڍ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ انساني حقن جي مسلسل ڀڃڪڙين جي مذمت ڪئي. فورم ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀيڻن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت هر سطح تي جاري رکندو. فورم فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جي اظهار ۽ غزه ۾ جاري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ جنگي ڏوهن جي مذمت ڪئي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته فلسطيني عوام کي پاڪستاني قوم جي مڪمل سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت حاصل آهي ۽ اسان فلسطين مسئلي جي جٽادار حل لاءِ پنهنجي ڀائرن جي اصولي مؤقف جي حمايت جاري رکنداسين. عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي مينڊيٽ موجب سمورن مشڪلاتن باوجود محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ تي فورم، سول انتظاميه، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسزن جي ڪوششن کي ساراهيو. فورم ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڏنل مينڊيٽ موجب 2024ع جي عام چونڊن لاءِ عوام کي محفوظ ماحول فراهم ڪيو ۽ ان کان وڌيڪ پاڪ فوج جو چونڊ عمل سان ڪوبه تعلق نه هو. فورم ان ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ته ڪجهه مخصوص پر محدود سياسي ڌُريون، سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا جي ڪجهه حصن طرفان مداخلت جي غير تصديقي الزامن سان پاڪستان جي هٿياربند فوج کي بدنام ڪري رهيا آهن جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي. بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته گڊ گورننس، معاشي بحالي، سياسي استحڪام ۽ عوامي فلاح ۽ بهبود جهڙن حقيقي مسئلن تي توجهه ڏيڻ بدران اهڙن مفاد پرست ڌُرين جي پوري توجهه پنهنجي ناڪامين کي پوئتي ڇڏي سياسي عدم استحڪام ۽ غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ تي ٻَڌل آهي. فورم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته غير آئيني ۽ـ بي بنياد بيان بازي ۽ جذباتي اشتعال انگيزيءَ جو سهارو وٺڻ بدران ثبوت سان مناسب قانوني عمل جي پيروي ڪئي وڃي. فورم مرڪز ۽ صوبن ۾ اقتدار جي جمهوري انداز ۾ منتقليءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم اميد ظاهر ڪئي ته چونڊن کان پوءِ جو ماحول پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻيندو، جنهن جي نتيجي ۾ امن ۽ خوشحالي ايندي. فورم ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته جمهوري استحڪام ئي ملڪ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. فورم ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته عسڪري قيادت چئلينجز ۽ خطرن کان پوري ريت باخبر آهي ۽ پاڪستان جي عوام جي حمايت سان پنهنجون آئيني ذميداريون نڀائڻ لاءِ پُرعزم آهي. فورم سيڪيورٽي خطرن کي مُنهن ڏيڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ حڪومت کي مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جو عزم ورجايو. فورم عزم ورجايو ته اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، بجلي چوري، ون ڊاڪيومينٽ رجيم ۽ سمورن غير قانوني پرڏيهين کي باعزت ۽ محفوظ وطن واپسي سميت سمورن غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم پاڪستان جي عزم موجب فورم عزم ورجايو ته 9 مئي جي منصوبه سازن، چڙ ڏياريندڙن، حوصلا افزائي ڪندڙن ۽ شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي ڪندڙن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن کي يقيني طور تي قانون ۽ آئين جي لاڳاپيل قلمن تحت انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته ان سلسلي ۾ مسخ ٿيل، ابهام ۽ غلط معلومات پکيڙڻ جي بدنيتيءَ تي ٻَڌل ڪوششون بلڪل بي لاڀ آهن جيڪي صرف مڪروه سياسي مفادن جي حاصلات لاءِ منظم مهم جو حصو آهن ته جيئن مئي جي مڪروه سرگرمين تي پردو وِجهي سگهجي. فورم ڪجهه مڪروه ڌُرين طرفان معاشري ۾ مايوسي ۽ ورهاست جون ڳالهيون ڦهلائيندڙ منظم ڪوڙين ۽ جعلي خبرن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم پاڪستان جي قابل فخر عوام تي زور ڀريو ته هو مثبت ۽ متحد رهن ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ دل ۽ جان سان حصو وٺن. شرڪت ڪندڙن ڳالهه جو عزم ڪيو ته پاڪ فوج پائيدار استحڪام، خوشحالي ۽ سلامتي جي سفر ۾ قوم جو دفاع ۽ خدمت هر ممڪن طريقي جاري رکندي. آرمي چيف فيلڊ ڪمانڊرز کي آپريشنز دوران پيشوراڻي مهارت، آپريشنل تياري ۽ حوصلا افزائيءَ جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ ۽ فارميشنز جي تربيت دوران بهترين ڪارڪردگيءَ جي حاصلات تي زور ڀريو.