وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پاران حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاري تحت پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو

image

اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاري تحت پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز هولڊنگ ڪمپني جي جوڙجڪ، درآمدات ۽ برآمدات جي حوالي سان پابندين کان ڇوٽ جي تعين جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. ڪابينا ميمبرن ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو عزم ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان فيڊرل بورڊ آف روينيو کي سئو سيڪڙو ڊيجيٽائيز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان حوالي سان دنيا جي بهترين ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن. ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ڪابينا کي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول ايگريمينٽ تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي سان ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف سان نئين ڊگهي مدي واري پروگرام جي حوالي سان بنيادي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ اجلاس کي آگاهه ڪيو ته ايف بي آر جا 2400 ارب رپين کان وڌيڪ جا ڪيس عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ التوا هيٺ آهن. سندس چوڻ هو ته ان حوالي سان هڪ ڊيجيٽل نظام جاري ڪيو پيو وڃي جنهن سان التوا هيٺ ڪيسن جي حل ۾ تيزي ايندي. اجلاس ۾ وزيراعظم سميت ڪابينا ميمبرن رضاڪاراڻي طور تي پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ڪابينا ميمبرن جو پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاري کي ترغيب ڏيڻ جي ڏس ۾ ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز هولڊنگ ڪمپني جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪا پي آءِ اي جي نجڪاري طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. پي آءِ اي ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر کي ئي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ ان عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي جيڪا سڄي دنيا مان بهترين ۽ لاڳاپيل سيڙپڪارن کي پاڪستان جي ايوي ايشن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري طرف راغب ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي درآمدات ۽ برآمدات جي حوالي سان پابندين کان ڇوٽ جو تعين ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو ڪنوينر واپار وارو وفاقي وزير هوندو. اها ڪميٽي ٽريڊ آرگنائيزيشنز ايڪٽ 2013ع جي سيڪشن 21 تحت مٿي ڄاڻايل ڇوٽ جو تعين ڪندي ۽ ان حوالي سان اپيلون پڻ ٻڌندي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ڊاڪٽر شيرين مزاري جي گرفتاري / حراست جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي قائم ڪيل وفاقي ڪميشن جي سفارشن کي لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي اٿارٽيز ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي تجويز ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي سفارش تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غلام شاهه جيڪو بطور جج بئنڪنگ ڪورٽ II حيدرآباد ۾ ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪري رهيو هو جون خدمتون ان جي اداري کي واپس ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد
متعلقہ مضامین
مزید خبریں