وزيراعظم پاران احتجاج دوران شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد رمضان، سپاهي گلفام خان ۽ سپاهي شاهنواز خان جي جنازي نماز ۾ شرڪت

image

اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن احتجاج دوران شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد رمضان، سپاهي گلفام خان ۽ سپاهي شاهنواز خان جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چڪلاله، راولپنڊي ۾ پڙهي ويندڙ جنازي نماز ۾ وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ سول ۽ ملٽري آفيسرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ڪنهن فساد ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ملڪ ۾ فساد ۽ انتشار جا اهڙا قدم مذمت جوڳا آهن. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم احتجاج دوران پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڊيوٽي تي مقرر جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پوري قوم احتجاج ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں