اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پرتشدد جي حوالي سان پي ٽي آءِ جو ٽريڪ رڪارڊ آهي، مظاهرو ڪندڙن پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي تشدد ڪيو، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙيءَ طرح جي تشدد ۽ حملن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي به پي ٽي آءِ رنڊڪون وِجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو پنهنجي ناپاڪ اِرادن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿي سگهي. اهڙو اظهار هن سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪيو، پرتشدد احتجاج لاءِ ڪي پي ڪي جا سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا ويا، 9 مئي تي به پي ٽي آءِ سلامتي جي ادارن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو، ان شخص لاءِ احتجاج ڪيو ويو جنهن تي بدعنواني جا سنگين الزام آهن، پرتشدد احتجاج پي ٽي آءِ باني جي ڪيسن جي ٽرائل کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش آهي. احسن اقبال چيو ته هڪ سياسي پارٽي گاديءَ واري هنڌ ۾ حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جديد هٿيارن سان شرپسندن کي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ لاءِ آندو ويو، پي ٽي آءِ باني کي ثبوت ڏيڻا پوندا هن ڪجهه ناهي ڪيو، پي ٽي آءِ باني کي سياسي انتقام جو نشانو نه پيو بڻايو وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ دعويٰ ڪري رهي هئي ته آزاديءَ تائين احتجاج ختم نه ڪيو ويندو، عمران خان تي ڪرپشن جا سنگين الزام آهن، احتجاج جي نالي تي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو مهذب معاشرو برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پرتشدد سياست جو سلسلو 2014ع کان جاري آهي جنهن کان پوءِ لانگ مارچن جو انگ وڌيو، پر اهي هميشه ناڪام رهيا. احسن اقبال 9 مئي جي واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ڏينهن پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاڪ فوج ۽ اهم ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، جن ۾ جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر لاهور جون رهائشگاهه شامل آهن. ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي به پي ٽي آءِ رنڊڪون وِجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو پنهنجي ناپاڪ اِرادن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿي سگهيا. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني سياسي قيدي ناهي، سندس خلاف ڪرپشن جا سنگين الزام آهن، سندن وڪيل ٻُڌڻيءَ ۾ دير پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيئن منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ به دير وارا حربا استعمال ڪيا ويا هئا. هن الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ باني لنڊن ۾ ضبط ٿيل رقم کي پنهنجي فنانسر لاءِ وائيٽ مني ۾ تبديل ڪيو.