نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان ڪشمير سان لاڳاپيل پاڪستان ڄائي برطانوي سياسي اڳواڻ لارڊ قربان حسين جي ملاقات

image

اسلام آباد- 21 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر
اسحاق ڊار سان ڪشمير سان واسطو رکندڙ پاڪستان ڄائي برطانوي سياسي
اڳواڻ لارڊ قربان حسين ملاقات ڪئي ۽ پاڪ- برطانيه لاڳاپن ۽ برطانيه ۾
رهندڙ پاڪستانين سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
نائب وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽
پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ
ڄمون ڪشمير جي عوام جي حقن، آزادي ۽ حق خوداراديت لاءِ برطانيه جي
پارليامينٽ ۾ لارڊ حسين جي حمايت کي ساراهيو. اسحاق ڊار آزاد ڄمون ڪشمير
۾ معاشي ترقي لاءِ حڪومت پاڪستان جي قدمن تي به روشني وڌي.

مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز
متعلقہ مضامین
مزید خبریں