اسلام آباد – 02 ن??مبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجي لاڳاپيل صوبن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي عوام کي گ??ٽ کان گهٽ قيمتن ۾ دستيابي ک?? يقيني بڻائين. وزيراعظم عمران خان جي صدا??ت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم اجلاس دوران صوبائي حڪومتن کي ضلعي پرائس ڪنٽرول ڪميٽين جي ذريعي ذخيره اندوزن ۽ وڌيڪ قيمتن تي وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي.