لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمورا جيب ڪترا اسٽيج تي بيهي گوڙ ڪري رهيا آهن، سمورن چورن جو اح??ساب ٿيندو هاڻي انهن سان ڪنهن به صورت ۾ بليڪ ??يل نه ٿينداسين، 30 سالن کان واريون وٺندڙ ڊنل آهن ڇو ته انهن کي هاڻي جيلن ۾ وڃڻو آهي، پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ميرٽ تي اح??ساب ٿي رهيو آهي، ننڍي ننڍي مافيا تبديلي اچڻ نه پي ڏي، معمولي کن??هه تي لنڊن ويندڙن کي ڪهڙي خبر ته پاڪستان جي اسپتالن جو ڪهڙو حال آهي. هو ايوان اقبال لاهور ۾ انصاف ڊاڪٽرز فورم جي اهتمام هيٺ ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهيو هو.