اسلام آباد – 09 –; جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزير??عظ?? عمران خان ۽ پوري قوم مچ سانحي جي دل ڌوڏيندڙ واقعي تي ڏکويل آهي، وزير??عظ?? عمران خان سانحي جي پونئيرن سان ڏک جو اظهار ڪندي هزاره برادري کي ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کان آگاهه ڪيو، ملڪ دشمن قوتون پاڪستان ۾ بي يقيني، مايوسي ۽ خوف پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته حڪومت لا??اپيل قومي سلامتي جي ادارن سان گڏجي شرپسند عنصرن جو پيڇو ڪندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا نه ٿي سگهن. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزير??عظ?? عمران خان جو ڪوئيٽا جو دورو اهم هو، هن مچ سانحي جي متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي، وزير??عظ?? عمران خان هزاره برادري کي ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کان به آگاهه ڪيو ۽ انهن کي ٻڌايو ته سانحي ۾ پرڏيهي عنصر ملوث آهن جڏهن ته هن مشڪل وقت ۾ پوري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي يقين ڏياريو ته حڪومت انهن جا سمورا مطالبا پورا ڪندي.