اسلام آباد – 10 – ج??ور?? (ا?? پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ت?? ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالين تي عالمي سطح تي آواز اٿارڻ جي لاءِ هو دن??ا جي سمورن ملڪن جي 36 هزار پارليامينٽ ميمبرن ۽ چونڊيل نمائندن کي خط لکندو جن جي ذريعي هو عالمي برادري جي چونڊيل نمائندن جو ڌيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري بدتري?? رياستي دهشتگردي طرف ڇڪرائيندو. سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار تحريڪ ڪشمير برطانيا جي صدر راجا فهيم ڪياني سان ملاقات دوران ڪيو.