اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر وزيراعظم عمران خا?? پاران قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ بابت صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي باضابطا طور تي آگاهه ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر جي نالي خط ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو آهي ت?? وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺي ڇڏيو آهي. اسپيڪر موجب وزيراعظم عمران خان کي قومي اسيمبلي جي اڪثريت جو اعتماد حاصل آهي، وزيراعظم کي 178 ووٽ م??يا آهن. اسپيڪر جي خط موجب وزيراعظم اعتماد جو ووٽ آئين جي آرٽيڪ?? 91 ??ي شق 7 تحت حاصل ڪيو آهي.