اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) حڪومت جي اتحادي پارٽين ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي مڪمل حمايت جو عزم ظاهر ڪندي سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ??رج??يو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ??لاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، هائوسنگ وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ اتحادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حڪومتي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ??زيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ??رج??ئيندي ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ مڪمل حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.