اسلام آباد ??? 23 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪينيا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏس?? ٿو ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هو ڪينيا جي چيف آف ڊينس فورسز جنرل رابرٽ ڪريوڪي ڪيبوچي سان خيال?? جي ڏي وٺ ڪري رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.