اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان طالبان پار??ن ان خاطري جو خواهشمند آهي ته افغان سرزمين ان جي خلاف استعمال نه ٿيندي جيئن طالبان چين ۽ آمريڪا کي به خاطري ڪر??ئي آهي ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، افغانستان ۾ افغان عوام جي مرضي جي حڪومت هجڻ گهرجي، پاڪست??ن افغانستان ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪر??ار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ستنبول ۾ ٽي آر ٽي جي پروگرام ”اسٽريٽ ٽاڪ“ ۾ هڪ انٽرويو دوران ڪيو. هن چيو ته اسان کي به اهڙي طرح خاطري ڪر??ئي وڃي جهڙي طرح چين ۽ آمريڪا کي ڪر??ئي وئي آهي ته افغان حدون ڪڏهن ??ه ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿينديون. اها ڳالهه صدر پروگرام جي ميزبان پاران طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دهشتگرد گروپن جي ٻيهر فعال ٿيڻ ۽ افغانستان ۾ نئين حڪومت سان ڪنهن ??رط بابت پاڪستان جي موقف جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته طالبان چين ۽ آمريڪا کي خاطري ڪر??ئي هئي ۽ پاڪستان لاءِ به اها ئي اميد آهي، انهي اصول تي مون کي اميد آهي ته افغانستان جي نئين حڪومت پاڪستان سان به اهڙي طرح جو طرز عمل اختيار ڪندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي منشور ۾ مقرر ڪيل عالمي قدرن ۾ به انهي رويي جي حمايت ڪئي وئي آهي. دهشتگردن جي روڪٿام بابت هن چيو ته پاڪست??ن افغانستان جي سرحد تي خاردار تار لڳائي آهي، طالبان کي افغان عوام جو حقيقي نمائنده تسليم ڪرڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته حڪومت ٻين ملڪن جي مشاورت سان ڪو به فيصلو ڪندي، پهرين اسان کي ان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻو آهي. طالبان جو پاڪستان جي اعتماد جوڳي هجڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ هجي اس??ن ان تي اعتماد ڪريون ٿا ڇو ته پاڙيسري جي حيثيت س??ن امن يقيني بڻائڻو آهي. هن ??فغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کي جلد بازي قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان سدائين آمريڪا کي چيو ته جنگ نه پر ڳالهيون ئي بهترين حل آهي، هن ??فسوس جو اظهار ڪيو ته ويٽنام جنگ يا افغانستان ۾ سوويت مداخلت کانپوءِ پيدا ٿيندڙ انساني صورتحال جي نتيجي کي وساريو ويو. صدر چيو ته افغانستان جي صورتحال جي لاءِ پاڪستان کي ذميدار بڻائڻ فيشن بڻجي چڪو آهي تنهن هوندي به هن واضح ڪيو ته افغانستان ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي اها دنيا جي سامهون آهي، آمريڪا افغانستان ۾ 20 سال قيام دوران 2 کرب ڊالر خرچ ڪيا آهن ۽ ترقي لاءِ سوين ارب سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته بليم گيم ۽ قرباني جو ٻڪرو تلاش ڪرڻ آسان آهي، جنگ سٽيل ملڪ ۾ استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي ڪر??ار بابت صدر چيو ته پاڪست??ن افغانستان ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪر??ار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ چئن ڏهاڪن کان جاري تڪرار سبب افغانستان کانپوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ نقصان کنيو آهي. افغانستان ۾ امن جي بحالي کانپوءِ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪن??ڙ وڏو ملڪ هوندو. هن ??ميد ظاهر ڪئي ته مسئلا تيزي سان حل ڪيا ويندا، هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، ان قدم کي افغان عوام کي خيرخواهي جي جذبي طور ياد رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ ترقياتي ايجنڊا تي عملدرآمد لاءِ چين، روس، ترڪي ۽ آمريڪا سان رابطي ۾ آهي، هن چيو ته ڀارت سازشي جو ڪر??ار ادا ڪر رهيو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي خلاف ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرزمين استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن ??رڪي سان ٻطرفي دفاعي تعاون تي اعتماد جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به صلاحيتن مان فائدي لاءِ معاشي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي تي زور ڏنو، هن ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي بابت پاڪستان جي قدمن تي ترڪي پار??ن اڻٽر حمايت جو به ذڪر ڪيو جتي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسان?? حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن.