ڪراچي – 12 – سي??ٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ڪراچي سي??ٽر جو دورو ڪيو. وفاقي وزير جي اچڻ تي پي ٽي وي ڪراچي سي??ٽر جي جنرل مئنيجر محمد شجاعت الله ٻئ?? اسٽاف سان گڏ سندس استقبال ڪيو. مئنيجر پي ٽي وي ڪراچي سي??ٽر جي مختلف شعبن جي سربراهن جو اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان تعارف ڪرايو. وفاقي وزير ڪراچي سي??ٽر جي پروگرامز، حالات حاضر ۽ نيوز جي سربراهن کان لاڳاپيل شعبن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان معلوم ڪيو ۽ گڏ ئي ??نهن کان انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. جنرل مئنيجر وفاقي وزير کي پروگرامز، حالات حاضره، پي ٽي وي هوم، پي ٽي وي نيشنل جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. هن پي ٽي وي کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزير جي ويزن کي پڻ ساراهيو. بعد ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير پي ٽي وي ڪراچي سي??ٽر جي نيوز روم، حالات حاضره جي مختلف اسٽوڊيوز، پي ٽي وي نيشنل سميت مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ اسٽاف کان بريفنگ ورتي.