اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ماحولياتي تبديلين وارو خاص معاون ملڪ امين اسلم پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو جتي هو ماحولياتي تبديلين سبب اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئل?? تي موقف پيش ڪندو. وزيراعظم ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فطري حل بابت پاڪستان جي تجربن کي پڻ اجاگر ڪندو. اهو سربراهه اجلاس ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جو قدم آهي. وچ اوڀر خطي جي حوالي سان اهڙي قسم جو اهو پهريون اجلاس آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي قيادت سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي ڀلائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري لاڳاپ?? تي اڳڀرائي تي ڌيان ڏنو ويندو. ڌريون علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت گڏيل دلچسپي جي معامل?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. وزيراعظم عمران خان دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري سان تعلق رکندڙ ناليوارن سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا، گڏيل عقيدي، تاريخي ۽ گڏيل تعاو?? تي ٻڌل لاڳاپا آهن. سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي تر??ي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ سميت مسلسل اعليٰ رابطن، مختلف شعبن ?? ويجهي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معامل?? تي گڏيل تعاو?? تي ٻڌل آهن. وزيراعظم عمران خان جي دوري سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ م??ند??.