اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن ??ار?? وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي انٽرنيشنل ميري ٽائم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي ٿيندڙ چونڊن تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي عالمي ميري ٽائم ٽرانسپورٽيشن بزنس ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ايم او ڪنوينشن دوران برطانيا، قطر، سعودي عرب، ملائيشيا ۽ مالديپ جي ٽرانسپورٽ ??ار?? وزيرن سان ٿيندڙ سائيڊ لائين ملاقاتن کان پڻ آگاهه ??يو. وزيراعظم کي حڪومت جي سي فيئررز جي سهولت لاءِ قدمن?? ڪورونا وبا دوران بهتر پاليسين جي ڪري بندرگاهن تي بهتر انتظام ۽ ڪراچي ۾ ڪراچي پورٽ جي ويڪسي نيشن مهم بابت مثبت تاثرن کان پڻ آگاهه ??يو ويو. وزيراعظم عالمي سامونڊي واپار ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌائڻ جي لاءِ سامونڊي معاملن ??ار?? وزير جي ڪوششن کي ساراهيو.