اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسي??ي برادري سميت اقليتن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪر??ار آهي، موجوده حالتن جي ڏس ۾ امن ۽ آشتي جو پيغام عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪر??مس جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و. هن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسي??ي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چ??و ته هي ڏينهن حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تعليم تي عمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، هو امن جو پيغمبر هو، مذهبي تعليم ۾ اخوت، درگذر جو وڏو درجو آهي، دنيا ۾ ان پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته هنو قت دنيا ۾ جنگيون ۽ قتلام ٿي رهيو آهي، ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ٿي رهيو آهي، سمورا چرچ ان ظلم ۽ جنگ جي نفي ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته دنيا ۾ امن جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چ??و ته سيالڪوٽ واقعو شرمندگي جو سبب آهي. هن امن ۽ آشتي بابت اسلامي ۽ مسيحي تعليم جو پڻ حوالو ڏيندي چ??و ته دنيا ۾ امن جي لاءِ ان تعليم تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسي??ي برادري کي ڪر??مس جي مبارڪباد ڏني. هن چ??و ته الله جا سمورا نبي، پيغيمبر، مذهب امن ۽ محبت جو درس ڏين ٿا، اسان جو پيغام آهي ته پاڪستان سڀني جو آهي، ڀلي مسلمان، مسيحي، هندو يا ڪو به اقليت هجي هي ملڪ سڀني جو آهي، معاشري ۾ سمورين مذهبي ڌرين کي انهن جا حق حاصل آهن ۽ اهي عزت سان پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. هن چ??و ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي تحريڪ ۾ اقليتن قائداعظم محمد علي جناح سان گڏجي اهم ڪر??ار ادا ڪيو، هندوئن سميت ٻين اقليتن موقعو هجڻ جي باوجود پاڪستان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري پارلياماني سيڪريٽري شنيلا روٿ چ??و ته ڪر??مس جو پيغام امن ۽ ڀائيچارو آهي، حضرت عيسيٰ جي تعليم ۾ امن ۽ سلامتي جو درس ڏنو ويو آهي. هن چ??و ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ امن ۽ آشتي، محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب قدم کڻي رهي آهي، موجوده حڪومت ڪر??ارپور لنگهه سميت اقليتن جي ڀلائي لاءِ قدم کنيا آهن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪر??مس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.