اسلام آ??اد – 14 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ?? گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 7 فوتگيون ٿيون جنهن مان 2 فوتگيون وينٽيليٽر تي مريضن جون هيون، سڄي ملڪ ?? سڀ کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخوا کانپوءِ سنڌ ۾ رڪارڊ ڪيون ويون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل گذاريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ?? 3 هزار 567 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ م??بت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 10 سيڪڙو، اسلام آ??اد ۾ 16 سيڪڙو، لاهور ۾ 9 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 7 سيڪڙو مريض آهن.
اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي م??بت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان ڪراچي ۾ 9 سيڪڙو، سرگوڌا ۾ 12 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 10 سيڪڙو، اسلام آ??اد ۾ 12 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 48 هزار 449 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 628، پنجاب ۾ 19 هزار 722، خيبرپختون??وا??ه ۾ 9 هزار 469، اسلام آ??اد ۾ 5 هزار 407، بلوچستان ۾ 361، گلگت بلتستان ۾ 296 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 566 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 12 لک 60 هزار 407 ٿي چڪو آهي.
بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 76 مريض آهن. سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 26 هزار 428 آهي. سڄي ملڪ ?? ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 13 لک 15 هزار 834 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 726، بلوچستان ۾ 33 هزار 682، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 437، اسلام آ??اد ۾ هڪ لک 10 هزار 234، خيبرپختون??وا??ه ۾ هڪ لک 81 هزار 996، پنجاب ۾ 4 لک 50 هزار 686 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 94 هزار 64 مريض آهن.
سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 28 هزار 999 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار ,693 جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 13 هزار 85 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. خيبرپختون??وا??ه ۾ 5 هزار 952 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آ??اد ۾ ڪل 967 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ ڪل 367 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 186 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 749 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ – 19 جا 2 ڪروڙ 40 لک 32 هزار 951 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 739 مريض علاج هيٺ آهن.